ضيا سرحدي

ضيا سرحدي

ضيا سرحدي

ضيا سرحدي: ناميارو ڊراما ليکڪ، ڪهاڻي نويس، گيت نگار، هدايتڪار، فلم ساز ۽ اداڪار ضياءَ سرحدي 27 جنوري 1912ع تي پشاور ۾ ڄائو. شروعاتي تعليم ۽ گريجوئيشن جي ڊگري به پشاور مان حاصل ڪيائين. تعليم حاصل ڪرڻ دوران شاعري ڪرڻ ۽ ڪهاڻين لکڻ جي شروعات ڪيائين. 1933ع ۾ بمبئي هليو ويو. جتي پهريان ’ايسٽ انڊيا فلم ڪمپني‘ ۾ ملازمت ڪيائين. ان کان پوءِ ساگر موديٽون ڪمپني سان وابسته ٿيو. جتي سندس ملاقات نامياري هدايتڪار محبوب سان ٿي. ضيا سرحدي سندس چوڻ تي هن اداري لاءِ فلمون ۽ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون. هن پهرين فلم ’من موهن‘ لکي جيڪا 1936ع ۾ رليز ٿي. 1937ع ۾ فلم ’جاگيردار‘ جي ڪهاڻي لکيائين. 1938ع ۾ ’مڌُر ملن‘ ۽ ’پوسٽ مين‘، 1939ع ۾ ’ڀولي ڀالي‘ ۽ ’شيوراج‘ نالي فلمن جون ڪهاڻيون ۽ گيت لکيائين. هن بطور هدايتڪار 1942ع ۾ فلم ’سپنا‘ ٺاهي. ان فلم جا گيت تنوير نقوي لکيا. ضيا سرحدي جي هدايتڪاريءَ ۾ ٺهندڙ ٻي فلم 1943ع ۾ ’نادان‘ رليز ٿي. هن فلم جي ڪهاڻي ۽ گيت به ضيا سرحدي تحرير ڪيا. هن فلم ۾ هيروئن جو ڪردار نورجهان ادا ڪيو هو. ان کان علاوه سندس ٺاهيل فلمن ۾ ’بڙي مان‘ ۽ ’اعلان‘ تمام گهڻيون مقبول ٿيون. فلم ‘اعلان’ 14 اگسٽ 1947ع تي رليز ٿي. هن فلم لاءِ ضياء سرحدي جو لکيل ترانوانسان ڪي تهذيب پر احسان همارا’ ورهاڱي بعد مسلمانن جو نعرو بڻجي ويو ۽ تمام گهڻو مشهور ٿيو. سندس ٻين مشهور فلمن ۾ ‘انوکي ادا’، ‘هم لوگ’، ‘فٽ پاٿ’، ‘آواز’، ‘بيجو باورا’ شامل آهن. سندس فلم ‘بيجو باورا’ جي مڪالمي تي کيس فلم فيئر ايوارڊ سان نوازيو ويو. 1958ع ۾ هي پاڪستان لڏي آيو، جتي هن فلم ‘لاکون ۾ ايڪ’، ‘غنڊا’، ‘صبا خاتون’ ۽ ‘نيا سورج’ جون ڪهاڻيون تحرير ڪيون. پر پاڪستان ۾ سندس لکيل فلمن کي خاص مقبوليت حاصل نه ٿي سگهي. جنهن سبب دلبرداشته ٿي اسپين هليو ويو. فلم، ريڊيو ۽ ٽي. وي جو مشهور اداڪار خيام سرحدي سندس پٽ آهي، جڏهن ته ناليوارو موسيقار رفيق غزنوي، ضياءَ سرحديءَ جو ناٺي آهي ۽ پاڪستان جي مشهور ماڊل ۽ اداڪاره زالي سرحدي سندس پوٽي آهي.
هن 27 جنوري 1997ع تي 82 سالن جي ڄمار ۾ دل جي دؤري سبب اسپين جي شهر ميڊرڊ ۾ وفات ڪئي کيس پشاور ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.


لفظ ضيا سرحديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1912.01.27  عيسوي

ضياءَ سرحدي 27 جنوري 1912ع تي پشاور ۾ ڄائو.


1997.01.27  عيسوي

ضيا سرحدي 27 جنوري 1997ع تي 82 سالن جي ڄمار ۾ دل جي دؤري سبب اسپين جي شهر ميڊرڊ ۾ وفات ڪئي کيس پشاور ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حڪيم يعقوب ڪوريجو
افلاطون
حاجي محمد عثمان قاضي
شوڪت عزيز
ڄام لکپت
آڏواڻي سنيل سندر سنگھه
سيد غلام مصطفيٰ شاهه
رضوي سيد محمد ظهير
رسول بخش خان مغل
اعظم خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون